سنڌي ڇهون ڪتاب

سنڌي ڇهون ڪتاب

سنڌي ڇهون ڪتاب

سنڌي ڇهون ڪتاب (ڪتاب): هيءُ درسي ڪتاب ڪوڙيمل چند نمل کلڻاڻي جو جوڙيل آهي. هن ڪتاب ۾ ڪفايت، ٻئي ۾ آس ڪرڻ، علم ۽ ڌن جو جهيڙو، عبادت ۽ نيڪي، حسد، وقت جو ملهه، قيمت ، محنتاڻي بابت، شاهوڪار ۽ غريب، موڙي، ڍلن بابت، ڀاڙي تي ڏيڻ ۽ وٺڻ، پورهئي جي ورڇ، مانٽس يا هلندڙ پن، شترمرغ، لڌڙو، وڄ، ڌرتيءَ جو ڌٻڻ، زمين جا ڀاڱا، خشڪي ۽ پاڻي، جوالا مکي، جبل، مٿاهان پٽ، ميدان ۽ رڻپٽ، مهاساگر يعني وڏا سمنڊ، هوا، ديس ديس جي هوا، ٻوٽا ۽ وڻ، پراڻين جا قسم، آدمي جا ورن، رياضيءَ جاگرافي، علم هئيت، نظام شمسي، سج، گره (سياره)، ڏينهن رات، موسمون، چنڊ جي گهٽ وڌ روشن ٿجڻ بابت، گرهڻ، وير ۽ آلڙ، ڪڪر مينهن ڳڙا وغيره، ٿرماميٽر، براميٽر، شاهه جي رسالي جا بيت ۽ سامي جا سلوڪ عنوان سان سبق آهن. ڊيمي سائيز، ڪچي جلد سان 249 صفحن تي مشتمل هي درسي ڪتاب ڪراچي گورنمينٽ سينٽرل بڪ ڊيپو طرفان 1896ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 10 آنا ڄاڻايل آهي


هن صفحي کي شيئر ڪريو